پوج شري اداسين سماڌا آشرم شڪارپور

پوج شري اداسين سماڌا آشرم شڪارپور: هن آشرم کي 1796ع ۾ پرم پوجنيه ستگرو بابا روپ ڀڄن صاحب جن تعمير ڪرايو. هن گاديءَ تي جيڪي مهان انسان آيا ۽ گاديسر طور پنهنجون ذميواريون نڀايون، تن جو وچور هن ريت آهي:
پهرين پاتشاهي پرم پوجنيه بابا هر ڀڄن صاحب
ٻي پاتشاهي پرم پوجنيه بابا رام ڀڄن صاحب
ٽين پاتشاهي پرم پوجنيه بابا روپ ڀڄن صاحب
چوٿين پاتشاهي پرم پوجنيه بابا ڪشن ڀڄن صاحب
پنجين پاتشاهي پرم پوجنيه بابا گوبند ڀڄن صاحب
ڇهين پاتشاهي پرم پوجنيه بابا شو ڀڄن صاحب
آئيندي جو گاديسر پرم پوجنيه بابا نارائڻ ڀڄن صاحب آهي. هن آشرم جي سرپرستيءَ ۾ جيڪي ٻيا آشرم ۽ مندر هلن ٿا، تن ۾ سماڌا آشرم ڪولپور، سماڌا آشرم ڪنڌ ڪوٽ، سماڌا ڌام نوشڪي، سماڌا ڌام ڪشمور، سماڌا ڌام مديجي، سماڌا ڌام کاران، سماڌا ڌام گھوٽڪي ۽ سماڌا ڌام سکر شامل آهن.
’پوج شري سماڌا آشرم‘ اداسين گدي آهي ۽ شڪاپور ۾ حاجي لطيف شاهه کان نيو فوجداري ڏانهن ويندڙ روڊ تي واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو